اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 جهاز اف??ان??تان جي عوام لاءِ امدادي سامان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي عالمي هوائي اڏي تي لٿو. اف??ان??تان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان جي سفير منصور احمد خان چي?? ته پاڪستان پا??ان اف??ان??تان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته امدادي سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چي?? ته پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبي سان گڏوگڏ خيراتي ادارن پا??ان خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي سامان اف??ان??تان آندو ويندو. هن چي?? ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ اف??ان??تان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اف??ان??تان ۾ هن وقت افغان عوام جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان عوام جي انساني، ترقياتي ۽ ٻ??ن گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت اف??ان??تان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻ??ن پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان اف??ان??تان جي حوالي سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي. پاڪستان اف??ان??تان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان اف??ان??تان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چي?? ته افغان عوام پاڪستان پا??ان انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي ساراهي ٿي.