اسلام آباد – 22 اپريل (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ??يو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ج?? پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻ?? پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادر?? کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر ??يو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.