اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کا??پوءِ سڀ کا?? وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي مو??ود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مو??ب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 100 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کا?? پشاور ۾ 74 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 67 سيڪڙو ۽ ??وا??ي ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنجاب ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، بلوچستان ۾ 1 هزار 96، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کا?? متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.