اسلام آباد ?? 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ??ال??ائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ??يو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ??ال??ه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن ??يو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ??ال??ه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن ??يو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت ??لا??و وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن ??يو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن ??يو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.