اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي م??املي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهد?? جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽي?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽي?? جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشنل ??روسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽ?? جي ميمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي م??لي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي م??لي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي م??املن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ل??بر بور?? جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپن?? جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سرو?? جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آباد?? جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاساز?? جي ڪري 2 ڪروڙ آباد?? جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصل?? جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.